شهيد دولهه دريا خان

شهيد دولهه دريا خان (ڪتاب): هي ڪتاب اديب ۽ استاد آزاد قاضيءَ سهيڙيو آهي، جيڪو علمي انداز ۽ سائنسي ترتيب سان سهيڙيل آهي. ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ دولهه دريا خان جي زندگيءَ تي مضمون ۽ لکڻيون شامل آهن. جڏهن ته ٻئي حصي ۾ علمي مباحثو ڪيل آهي.هن ڪتاب ۾ دولهه دريا خان تي لکيل مضمونن کي شامل ڪيو ويو آهي. مير علي شير قانع ٺٽوي، پير حسام الدين راشدي، ڪريم بخش خالد، جي. ايم سيد، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نياز همايوني، سيد حاڪم علي شاهه بخاري، ڄاموٽ حاجي خان چاچڙ، غلام محمد لاکو، پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، شيخ خورشيد حسن ۽ ٻين ليکڪن ۽ عالمن جون لکڻيون ۽ مضمون ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن. هي ڪتاب 2010ع ۾ لاکو ڦلاڻي پبليڪيشن نوابشاهه/ڪراچيءَ طرفان ڇپرايو ويو.


لفظ شهيد دولهه دريا خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو